سرلا ديوي ڊاڪٽر

سرلا ديوي ڊاڪٽر

سرلا ديوي ڊاڪٽر

سرلا ديوي، ڊاڪٽر: ناليواري شاعره ۽ سماجي خدمتگار ڊاڪٽر سرلا ديوي 9 اپريل 1915ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. پرائمري جي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. هن ميڊيڪل ۾ ايل. ايس. ايم. ايف جي ڊگري امرتسر مان حاصل ڪئي ۽ 1938ع ۾ رتيديري شهر جي ميونسپل اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر مقرر ٿي، جتي عام ماڻهن جي طبي خدمت ۾ وسان ڪونه گهٽايائين. هيءَ آڌي رات به حاجتمند، بيمار ماڻهن جو علاج مفت ۾ ڪرڻ لاءِ هلي ويندي هئي، سندس شخصيت ۾ عام ڀلائي ۽ انساني ڀلائي وارو گڻ نمايان هو. سندس شادي سنڌي ادب جي نامور ليکڪ ديوان امرت راءِ جئسنگهاڻي ’سام‘ سان ٿي. ديوان امرت پهرين به پرڻيل هو ۽ هندومت جي رسم موجب ٻن شادين جي قطعي منع هئڻ باوجود هنن مذهبي رسمن کان بالاتر ٿي به پريت جي ريت نڀائي. هن سندس ور ديوان ’سام‘ سان ادبي، سماجي سرگرمين ۾ هٿ ونڊائڻ سميت خود به شاعري ڪئي. هن ”اڪبر آشرم پبليڪيشن“ نالي پبليڪيشن جو ادارو قائم ڪيو ۽ هندو-مسلم ايڪتا واري پيغام کي خوب پکيڙڻ جي ڪوشش ڪيائين. 1947ع کان پوءِ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي باعث جيئن سنڌي هندن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي، اڪثر هندن لڏپلاڻ ڪئي، تڏهن ديوان ’سام‘ پنهنجي اڳوڻي گهر واري ۽ خاندان کي هندستان ڏانهن موڪليو پر هن سنڌ جي محب وطن نياڻي سنڌ ڇڏڻ کان قطعي نابري واري ۽ رتيديري شهر ويجهو ڳوٺ طيب لورڙ ۾ هنن ٻنهي زال مڙس پنهنجو مسڪن بڻايو. 1950ع ۾ گهاڙ واهه جي ڀر ۾ قائم ڳوٺ ۾ قائم ميونسپالٽي اسپتال ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿي، ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي ۾ طبي سهولتن جي نه هئڻ سبب اڪثر ڏورانهين هنڌن جون عورتون ۽ مريض کانئس علاج ڪرائڻ لاءِ ايندا هئا، سندس والهانه خدمتن عيوض ميونسپل اسپتال جو نالو ’سرلا ديوي‘ نالي سان زبان زد ٿي ويو. هن ديوان سام سان گڏ جيتامڙي جي ڊائري نالي ڪتاب لکيائين، جيڪو شايع ٿيو. سندس ٻيو ڪتاب ’سام سان به گهڙيون‘ 1965ع ۾ آشرم پبليڪيشن پاران شايع ٿيو. هيءَ اڳتي هلي ڳائڻ ۽ هارمونيم وڄائڻ به سکي. (هاڻوڪي ايم. زيد اسپتال ڊي. سي هاءِ اسڪول) واري عمارت جي مٿئين طبقي تي سندس رهائش هوندي هئي، جتي هر هفتي صوفياڻي راڳ جي محفلن جو اهتمام ڪندي هئي. هن پاڻ به گهڻو ڳايو، جنهن جا رڪارڊ به محفوظ ڪيائين، پر سندس وفات بعد اهي ضايع ٿي ويا. هن مرندي گهڙي تائين وطن نه ڇڏيو ۽ سنڌ ۾ رهندي، 11 فيبروري 1975ع تي ديهانت ڪري وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.04.09  عيسوي

ناليواري شاعره ۽ سماجي خدمتگار ڊاڪٽر سرلا ديوي 9 اپريل 1915ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو.


1975.02.11  عيسوي

ڊاڪٽر سرلا ديوي 11 فيبروري 1975ع تي ديهانت ڪري وئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تنها اصغر
اسد قصه خوان
عبد سنڌي
بسنت ڪمار تياڳي رائچنداڻي
ابراهيم شاهه صوفي
رحيمداد راهي
حافظ حيات شاهه
آنند پرڪاش مهاتما
ڀائي ٿانورداس
صفي الله فدا علوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون